ڌمالي فقير

ڌمالي فقير

ڌمالي فقير

ڌمالي فقير: ڌمالي فقير پٽ ٽونئر فقير مڱڻهار سنڌ جو نامور ۽ وقت جو وڏو ملوڪ فنڪار هو. هن 1902ع ڌاري آمريءَ لڳ موجوده ضلعي ڄام شوري ۾جنم ورتو. اڳتي هلي سندس وڏا لڏي اچي مانجهند ۾ ويٺا، ڪوهستان، ڪچي ۽ هالن ۾ کيس هڪ ’سگهڙ فنڪار‘ طور ڄاتو ويندو هو. هيءُ پرولين ۽ ڏٺ پرولين، ڏيڻ ۽ ڀڃڻ ۾ وڏي مهارت رکڻ سان گڏ راڳداريءَ جو به وڏو ڄاڻو هو. سنائي سيد کيس آخر تائين سنڀاريندا آيا، سائين
جي. ايم. سيد کيس سنڌ جي بهترين سگهڙن ۽ فنڪارن ۾ شمار ڪندو هو. هو ست پيڙهيو مڱڻهار هو، سندس وڏن ۾ ترتيب وار ڌماچ فقير، پنجو فقير، سمهابو فقير، ڌمالي فقير ۽ ٽونئر فقير ناميارا سگهڙ ٿي گذريا آهن. ڌمالي فقير ٽي شاديون ڪيون، جن مان کيس پٽن ۽ ڌيئرن جو ڳچ اولاد ٿيو. ڌمالي فقير جو هڪ پٽ سنڌ جي نامور لوڪ فنڪار علڻ فقير سڄي سنڌ ۽ دنيا ۾ پنهنجي نرالي راڳ ۽ انداز سبب سڃاتو ويو. سندس ٻيو فرزند رضا علڻ به اڄڪلهه ڳائي ٿو ۽ علڻ فقير کانپوءِ سندس ئي رنگ ۾ ڳائي مشهوري ماڻي اٿس. ڌمالي فقير 1980ع ڌاري مانجهند ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڌمالي فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو